شينهن ٻڪري

شينهن ٻڪري

شينهن ٻڪري

شينهن ٻڪري (راند): هيءَ راند ٿر پارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ عام جام کيڏي ويندي آهي. هيءَ راند واريءَ تي آڱر سان يا اوٽي تي ڪاٺيءَ يا آڱر سان ليڪا ڪڍي ٻه رانديگر کيڏندا آهن. هن ۾ هڪ ڄڻي وٽ ٻه شينهن، ٻئي وٽ ست ٻڪريون ٿينديون آهن. جنهن لاءِ ڪوڏين، ڪکن، ٺڪرن ڀترن مان ڳوٽيون ٺاهيندا آهن. هڪ ڄڻو وٺندو ٻه شينهن ٻيو ست ٻڪريون. هر هڪ ٻڪري واري تي خانن ۾ رکندو ويندو ته ٻيو شينهن رکڻ بعد ساريون خانن مان چوريندو ويندو، شينهن جي سامهون ٻڪري آئي ۽ اڳيون خانو خالي هوندو ته شينهن کي ان ٻڪريءَ مٿان ٽپائي اڳئين خالي خاني ۾ رکبو آهي ۽ اها ٻڪري مُئي، ائين ان کي ڪڍي ٻاهر رکبو آهي. جيڪڏهن ٽي چار ٻڪريون ماري ڇڏيائين ته راند کٽي ويو، پر جي ٻڪرين وارو اهڙي طرح ٻڪري رکي، جيئن شينهن کي چرڻ لئه ڪو به خانو نه بچي ته راند کٽي ويندو. هيءَ راند اڪثر جهنگ ۾ مالدار واندڪائيءَ وقت ۽ ڳوٺن ۾ ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو